سليمان شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي

سليمان شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي خاص عدالت سينٽرل وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سليمان شهباز ۽ طاهر نقوي سميت 15 جوابدار پيش ٿيا. اسپيشل جج سينٽرل بخت فخر بهزاد موڪل تي هجڻ سبب ڊيوٽي جج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.عدالت بيماري سبب جوابدار اورنگزيب بٽ جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي بريت جي درخواستن تي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو