سعيد غني ۽ شهلا رضا پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

سعيد غني ۽ شهلا رضا پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سعيد غني پنهنجي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي منظوري لاءِ موڪلي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سعيد غني مڪاني چونڊن جي مهم ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو، ان ڪري هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.سعيد غني کانپوءِ سنڌ جي ٻي صوبائي وزير شهلا رضا به عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.شهلا رضا چيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي آهي. هن چيو ته پارٽي عهديدار هئڻ جي ناطي مڪاني ادارن جي چونڊن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو