سعودي ۾ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث عورت ملڪ بدري بعد گرفتار

سعودي ۾ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث عورت ملڪ بدري بعد گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سعودي عرب ۾ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هڪ عورت کي ملڪ بدر ڪرڻ کان پوءِ حراست ۾ ورتو آهي.ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي موجب، سعودي عرب مان ملڪ بدر ڪيل هڪ عورت گلشن بيبي، جيڪا بهاولپور جي رهواسي آهي، کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو.آفيسرن چيو ته اميگريشن ڪليئرنس دوران، عورت فيصل آباد جي رهواسي ايجنٽ طيب علي پٽ معراج الدين جي مدد سان پرڏيهه سفر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته عورت اهو به انڪشاف ڪيو ته سعودي عرب پهچڻ تي کيس هڪ منظم انساني سمگلنگ نيٽ ورڪ جي حوالي ڪيو ويو هو.آفيسرن موجب، عورت غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هئي، ۽ مقامي اختيارين پاران گرفتار ۽ سزا ملڻ کان پوءِ کيس ملڪ بدر ڪيو ويو.ملزم کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته انساني سمگلنگ ۾ ملوث ٻين سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو