رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب پنهنجي شهرين جي ٻن آفريڪي ملڪن جي سفر تي پابندي لڳائي ڇڏي.عرب ميڊيا موجب ماربرگ وائرس جي پکڙجڻ سبب سعودي اختيارين آفريقي ملڪن گني ۽ تنزانيا جي شهرين کي سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.سعودي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته شهري انهن ٻنهي ملڪن جو سفر نه ڪن جيستائين مرض تي ضابطو نه اچي، جڏهن ته انهن ٻنهي ملڪن ۾ اڳ ئي موجود سعودي شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مقامي اختيارين طرفان جاري ڪيل حفاظتي گائيڊ لائينن تي عمل ڪن. ويو آهيٻئي طرف عمان به فوري طور تي پنهنجن شهرين کي انهن ٻن آفريقي ملڪن ڏانهن سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب گني ۾ ماربرگ وائرس سبب فوتين جو انگ هن وقت تائين 9 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن کانپوءِ تنزانيا ۾ گذريل هفتي ماربرگ وائرس سبب پنجن ڄڻن جي فوتگين جي تصديق ٿي هئي.ماربرگ وائرس جي علامتن ۾ تيز بخار، رت وهڻ ۽ عضون جي خرابي شامل آهي، جڏهن ته وائرس ايبولا وائرس سان ملندڙ جلندڙ آهي جيڪو آفريڪا ۾ پيدا ٿيو.










