راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سعودي پرڏيهي وزير او آءِ سي سربراهه اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهندي پاڪستان سان سفارتي سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب سعودي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آرمي چيف چيو ته او آءِ سي سربراهه اجلاس گڏيل ويزن ۽ حڪمت عملي ڏانهن هڪ تاريخي قدم آهي جنهن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نوان چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.آءِ ايس پي آر موجب سعودي پرڏيهي وزير افغان صورتحال ۽ علائقائي استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.










