سعودي عرب ۾ 51 جعلي ويب سائيٽن تي پابندي

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي واپار واري وزارت ملڪ ۾ 51 جعلي ويب سائيٽون بند ڪري ڇڏيون آهن.سعودي ميڊيا رپورٽ موجب واپار واري وزارت جي ترجمان عبدالرحمان الحسين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزارت صارفين کي فراڊ کان بچائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي.هن صارفين کي چيو ته ڪنهن به جعلي ويب سائيٽ کي فوري طور تي 1900 تي ڪال ڪري يا ڪمرشل ايپ بيلگ ذريعي اختيارين کي اطلاع ڏيو. هن چيو ته واپار واري وزارت سان منسوب جعلي ويب سائيٽن جو وزارت سان ڪو به تعلق ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو