سعودي عرب ۾ قتل ۽ ڌاڙن ۾ ملوث 5 پاڪستانين کي موت جي سزا

سعودي عرب ۾ قتل ۽ ڌاڙن ۾ ملوث 5 پاڪستانين کي موت جي سزا

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ قتل ۽ ڦرلٽ ۾ ملوث 5 پاڪستانين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.سعودي گهرو وزارت موجب مٿين 5 پاڪستانين هڪ خانگي ڪمپني ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ بنگلاديش جي چوکيدار انيس ميان کي قتل ڪيو.سڪيورٽي ادارن واقعي جي جاچ ڪندي پنجن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.عدالت 5 پاڪستانين ارشد علي ديبر محمد اسماعيل، عبدالمجيد حاجي نورالدين ۽ عبدالغفار محمد سوما، خالد حسين پٽچو قربان علي ۽ عبدالغفار ميربحر لطف الله کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي.سعودي اپيليٽ ڪورٽ فيصلي کي برقرار رکيو، جڏهن ته سعودي شاهي هائوس پنجن ڏوهارين کي موت جي سزا جي حتمي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تي گذريل ڏينهن عملدرآمد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو