سعودي عرب ۾ عيد سومر تي ٿيندي

سعودي عرب ۾ عيد سومر تي ٿيندي

رياض (م ڊ) سعودي سپريم ڪورٽ جي هدايت تي اڄ 29 رمضان المبارڪ تي سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيو پر چنڊ نظر اچڻ جي ڪا شاهدي وصول نه ٿي. سعودي عرب ۾ شوال جو چڻڊ نظر نه آيو، جنهن کانپوءِ اتي عيدالفطر سومر تي ٿيندي. سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيا پر چنڊ نظر اچڻ جي ڪا شاهدي وصول نه ٿي. سعودي سپريم ڪورٽ اپيل ڪئي هئي ته شهري پنهنجي طور اڄ 29 رمضان جي شام شوال جو چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪن، شوال جو چنڊ کليل اک يا دوربين سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ 29 رمضان المبارڪ آچر تي آهي ۽ ان ئي ڏينهن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو