سعودي عرب ۾ عمري زائرين سان حادثو، 5 پاڪستاني فوت

سعودي عرب ۾ عمري زائرين سان حادثو، 5 پاڪستاني فوت

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ عمري زائرين جي بس سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 5 پاڪستاني فوت ٿي ويا. سعودي ريسڪيو موجب سعودي عرب ۾ عمري زائرين جي بس حادثي جو شڪار ٿي وئي، اها بس البدر کان مديني شريف ويندي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جو واسطو پاڪستان جي ضلعي بهاولنگر سان آهي. ريسڪيو موجب حادثي ۾ ڪيترائي زائرين زخمي پڻ ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو