سعودي عرب ۽ روس جا سٺا لاڳاپا سڀني لاءِ فائديمند آهن: سعودي وزير

سعودي عرب ۽ روس جا سٺا لاڳاپا سڀني لاءِ فائديمند آهن: سعودي وزير

ميونخ (ويب ڊيسڪ)سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان جو چوڻ آهي ته روس سان سعودي عرب جا سٺا لاڳاپا سڀني لاءِ فائديمند آهن.رياض ۾ ميونخ سڪيورٽي ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن جي ڪردار بابت بحث واري سيشن ۾ سعودي پرڏيهي وزير چيو ته رياض عالمي تيل مارڪيٽن جي استحڪام لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي.شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته هو آمريڪا سان لاڳاپن ۾ قومي مفادن کي نظر ۾ رکن ٿا، رياض جا واشنگٽن سان ڪجهه معاملن تي اختلاف آهن جيڪي لڪيل ناهن.هن چيو ته خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، گلف ڪوآپريشن ڪائونسل يوڪريني بحران کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿي.ايران سان لاڳاپن تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته ايران سان لاڳاپن تي اسان جو موقف واضح آهي، تهران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو