سعودي عرب هر سال ڏيڍ ارب ڊالر جي اوڌر تي تيل ڏيندو، وقار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود چيو آهي ته سعودي عرب سالياني بنياد تي ڏيڍ ارب دالر جو تيل فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. توانائي معاملن جي وزير حماد اظهر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تعلقات ۾ ڪجهه تلخي سبب اها سهولت واپس ڪئي وئي هئي پر هاڻي بحال ٿي وئي آهي. هن ان بابت وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته نئين مالي سال ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 610 ارب روپين جي آمدن جو اندازو کپت ۾ واڌ جي بنياد تي لڳايو آهي ۽ اهو تاثر غلط آهي ته چار پنج روپيا في لٽر مان ليوي وڌائي 25 روپيا ڪئي ويندي. هن چيو ته ايران تان آمريڪي پابنديون هٽڻ بعد تيل جي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي ۽ تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون.هن وڌيڪ چيو ته فائيو جي لائسنس جي منظوري ۽ فور جي انٽرنيٽ جا لائسنس رينيو ڪرڻ سان به آمد وڌندي.

پهنجو تبصرو موڪليو