رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب غزه ۾ جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيل جي بمباري جي سخت مذمت ڪئي آهي.سعودي عرب جو چوڻ آهي ته عالمي برادري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.واضح رهي ته غزه جي جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيل جو فضائي حملو ٻئي ڏينهن به جاري آهي، حملي ۾ 6 فلسطيني ٻارن سميت 24 ڄڻا شهيد ۽ 204 زخمي ٿي پيا هئا.اسرائيلي فوج اسلامي جهاد جي سينيئر قيادت کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي غزه تي هڪ هفتي تائين هوائي حملا جاري رکڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي.










