آمريڪي بيان ڌوڪيبازي آهي،الزام سان مصيبت نه ٽرندي،ايران

واشنگٽن( ويب نيوز) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي عرب جي ٻن آئل ريفائنريز تي حملن جو ذميوار ايران کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بظاهر حملن جي ذميواري يمن جي حوثي باغين قبول ڪئي آهي پر اسان کي اهڙو ڪو ثبوت ناهي مليو جنهن مان ظاهر ٿئي ته حملا يمن مان ٿيا آهن. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آمريڪا سمجهٿ ٿو ته حملن ۾ ايرن ملوث آهي.  هن وڌيڪ چيو ته دنيا کي واضح طور ايران جي حملن جي مذمت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته دنيا کي تيل فراهم ڪندڙ ڪارخانن تي حملا ڪرڻ قابل مذمت آهن. اسين پنهنجي پارٽنرز سان گڏجي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ايران جو صدر ۽ وزير خارجه بظاهر اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته هو سفارتڪاري ۾ مصروف آهن پر آمريڪا حملن جو ذميوار ايران کي سمجهي ٿو. ياد رهي ته سعودي عرب جي اتر اوڀر ۾ گادي واري سهر رياض کان 330 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع عبقيق ۽ خريس ۾ آرامڪو جي تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن ۾ ڇنڇر تي صبح جو ڊرون حملن سبب وڏي پيماني تي باهه لڳي هئي، جنهن ۾ سعودي عرب جي توانائي واري وزير پرنس عبدالعزيز بن سلمان موجب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو هو.  فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد سان فون تي ڳالهايو آهي ۽ دهشتگردن خلاف گڏجي وڙهڻ جو عزم ورجايو آهي. سعودي جي شهر دمام ويجهو واقع عبقيق ۾ دنيا جو وڏو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو آهي جنهن ۾ روزانو  70 لک ڪروڊ آئل کي صاف ڪيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ مختلف پروڊڪٽس لاءِ اهو ڪچو تيل ٻين ڪارخانن ۾ اماڻيو ويندو آهي.

عبقيق آئل فيلڊ

جڏهن ته خريس آئل فيلڊ جنهن تي به حملو ٿيو هو ان ۾ 10 لک بيرل روزانو تيل صاف ٿيندو آهي. خريس فيلڊ لڳ 20 ارب بيرل تيل جو ذخيرو آهي. عبقيق فيلڊ کي حملن ۾ تباهه ٿيل پائپ لائن سبب 57 لک بيرل جي سپلاءِ بند ٿي وئي آهي جيڪا 48 ڪلاڪن ۾ بحال ٿيڻ جو امڪان آهي. مجموعي طور سعودي عرب روزانو ساد ڇيانوي لک بيرل تيل پيدا ڪندو آهي. حملن جي ذميواري قبوليندي ايران جي حمايت يافته يمن جي حوثي باغين جن جو ملڪ جي گادي واري شهر صناء سميت اهم شهرن تي قبضو آهي، تنهن جي ترجمان يحيٰ ساري چيو آهي ته سعودي عرب جنگ بند ڪري ۽ يمن تي حملا نه ڪري جيڪڏهن هن حملا جاري رکيا ته اسين دعودي عرب جي اهم تنصيبات تي وڌيڪ حملا ڪنداسين. يمن عرب دنيا جو غريب ترين ملڪ آهي ۽ 2015 کا جاري خانه جنگي سبب ڏڪار جي حالت ۾ آهي، هيستائين آمريڪي جنگ زده علائقن جي ڊيٽا جمع ڪندڙ تنظيم موجب 90 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن. اقوام متحده، مغرب ۽ عرب دنيا جي اڪثريت چوي ٿي ته حوثي باغين کي ايران اسلحو ڏئي ٿو پر ايران اهڙن الزامن کي رد ڪندو رهيو آهي. حوثي باغين هن سال مئي ۾ به شيڀا آئل فيلڊ ۽ مختلف پائپ لانز تي حملا ڪيا هئا. دنيا جي وڏي آئل ريفائنري تي حملن ۽ سپلاءِ جي بندش بعد دنيا م تيل جي سپلاءِ سخت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ تيل جا اگهه وڌي به سگهن ٿا. هوڏانهن ايران جي وزير خارجا جواد ظريف آمريڪي الزام رد ڪندي ان کي ڌوڪيبازي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايران تي الزام هڻڻ سان مصيبت ختم ڪون ٿيندي، اوهان جديد هٿيارن جي زعم تي يمن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. يمن ۾ جنگ بندي لاءِ اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون پر اسان جو پيش ڪيل امن فارمولو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو