ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد بن احمد المالڪي ملاقات ڪري ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مهمان کي صوبي جي صورتحال ۽ خاص ڪري ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ ورتل اپائن بابت آگاهه ڪيو. سعودي سفير پڻ حج ۽ عمري لاءِ ڪورونا بابت ورتل اپائن ۽ پابندين ۾ نرمي بابت کيس ڄاڻ ڏني.










