سرڪاري ملازم ڏاڙهي رکو يا برطرفي لاءِ تيار رهو، طالبان

سرڪاري ملازم ڏاڙهي رکو يا برطرفي لاءِ تيار رهو، طالبان

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغان طالبان ڪيتريون ئي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن ۽ سمورن سرڪاري ملازمن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڏاڙهي رکڻ ۽ ڊريس ڪوڊ تي عمل ڪن، ٻئي صورت ۾ اهي نوڪريون وڃائي ويهندا. رائٽرز جي هڪ رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيڪي جي تبليغ ۽ بدي کان روڪڻ واري وزارت جي ملازمن سومر تي سرڪاري آفيسن جي جاچ شروع ڪئي آهي ته ملازم نون ضابطن تي عمل ڪري رهيا آهن يا نه. ملازمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڏاڙهيون رکن ۽ مقامي لباس پائن جنهن ۾ ڊگها، لوز شرٽس ۽ پتلون ۽ ٽوپي يا پگڙي شامل آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ طالبان عورتن کي مرد سرپرست کان سواءِ سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪيترن ئي عورتن کي هوائي اڏي تان واپس ڪيو هو. ڇوڪرين جي تعليم تي به بندش آهي جنهن تي آمريڪا طالبان سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو