سرڪاري ملازمن جي الائونس ۾ 15 سيڪڙو واڌ

سرڪاري ملازمن جي الائونس ۾ 15 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار هڪ کان 19 هين گريڊ جَي ملازمن جو الائونس 15 سيڪڙو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فنانس ڊويزن موجب الائونس ۾ واڌ عهدن ۽ گريڊ جَي حساب سان ٿيندي ۽ پهرين مارچ کان واڌ لاڳو هوندي. ناڻي واري وزارت موجب وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي به ملازمن جا الائونس وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت موجب سرڪاري ملازمن جَي ٽائيم اسڪيل ترقي جَي حوالي سان به سمري تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي جلد منظوري جو پڻ امڪان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت فلاحي رياست طرف قدم کڻندي پگهارون وڌايون آهن ۽ اڃا وڌيڪ پگهارن ۾ واڌ ڪئي ويندي. پاڪستاني معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو