سرڪاري خرچ تي رهندڙن کي عوام جي ڪهڙي خبر، مريم

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هيليڪاپٽر ذريعي هڪ درٻار کان ٻئي درٻار تائين سرڪاري خرچ تي سفر ڪندڙ کي ڪهڙي خبر ته عوام جي مٿان ڪهڙي قيامت گذري رهي آهي؟ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته جنهن ملڪ ۾ عوام بک وگهي مري رهيو هجي ۽ والدين مهانگائي کان تنگ اچي ٻارن کي زهر پياري خوڪشيون ڪري رهيا هجن، ان ملڪ جو حڪمران اهڙي رياست مدينه جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جنهن جو خليفو ڪلهن تي ٻوريون ڍوئي غريب ماڻهن جا در کڙڪائيندو هو. ڇا ڪو شخص ايڏو بي حس، گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو به ٿي سگهي ٿو؟

پهنجو تبصرو موڪليو