سريي وارو سيٺ، افتخار لنڊ بنا پگهار نوڪري تان به فارغ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيري مزاري سنڌ لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن افٽخار لنڊ کي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته افتخار لنڊ خلاف مليل تازن ثبوتن جي روشني م سندس بنا پگهار مقرري وارو آرڊر واپس ڪريون ٿا ۽ جاچ ڪرائي ويندي. افتخار لنڊ تي پنهنجي ويگن ڊرائيور جي ويهڪ واري جاءِ ۾ سريو ٽپائڻ جو ڪيس ٿيو هو، بعد ۾ هن پنهنجي برادري معرفت ڪيس واپس ڪرائي جان آجي ڪرائي هئي.

ليڪن تازو 23 جولاءِ تي قومي اسمبلي جي گهوٽڪي جي تڪ 205 تي ٿيل ننڍي چونڊ دوران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ افتخار سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ فخريو انداز م ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته پي پي وارن ڳڙ ٻڙ ڪئي ته هنن وٽ به سريي وارو سيٺ موجود آهي. جنهن تي سڀني ۾ فخريه انداز ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو هو. ميڊيا ان جو نوٽيس ورتو هو ۽ حليم عادل شيخ لفظ واپس وٺندي معافي ورتي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو