سريلنڪا ۾ ايمرجنسي ۽ ڇڪتاڻ سان ڪو مسئلو ناهي: بابراعظم

سريلنڪا ۾ ايمرجنسي ۽ ڇڪتاڻ سان ڪو مسئلو ناهي: بابراعظم

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سريلنڪا ۾ ايمرجنسي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڪو به مسئلو ناهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته سريلنڪا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سان ڪو به مسئلو ناهي. هتي اچڻ کان اڳ اسان جي ذهن ۾ اهو نه هو، هتي پهچڻ کانپوءِ صورتحال ڪافي تبديل ٿي وئي.بابر اعظم چيو ته سريلنڪن بورڊ بهترين انتظام ڪيا آهن ته جيئن اسان کي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پريڪٽس ميچ به کيڏي وئي. خوشقسمتيءَ سان ان صورتحال ڪرڪيٽ کي ڪو به نقصان نه پهچايو آهي، ڪرڪيٽ هلي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو