ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)سريلنڪا کي ايشيا ڪپ 2022ع جي ميزباني لاءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) کان اجازت ملي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايشيا ڪپ شيڊول موجب سريلنڪا ۾ ٿيندو ۽ ايونٽ 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين کيڏيو ويندو. ايشيا ڪپ جو ڪواليفائنگ رائونڊ 21 آگسٽ کان شروع ٿيندو، جڏهن ته روايتي حریف پاڪستان ۽ ڀارت 28 آگسٽ تي آمهون سامهون ٿيندا.ميڊيا رپورٽن موجب تقريب جي باضابطه شيڊول جو اعلان جلد ڪيو ويندو. پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، افغانستان ۽ بنگلاديش مين رائونڊ ۾ شامل آهن جڏهن ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي)، نيپال، اومان ۽ هانگ ڪانگ جون ٽيمون ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ کيڏنديون.










