سريلنڪا کي انگلينڊ پاران 164 رنز جو ٽارگٽ، بٽلر جي سينچري

سريلنڪا کي انگلينڊ پاران 164 رنز جو ٽارگٽ، بٽلر جي سينچري

شارجا(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ٽاس کٽي انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ انگلينڊ 20 اوورز م 4 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز ٺاهيون. جيسن راءِ ۽ جوز بٽلر اننگ شروع ڪئي. 13 جي مجموعي اسڪور تي جيسن راءِ آئوٽ ٿيو، ڊيوڊ ملن به ٻوٽو نه ٻاريو 6 رنز ڄاهي آئوٽ ٿيو، جوني بيئر اسٽوو زيرو تي واپس ويو جنهن بعد ڪپتان مورگن ۽ بٽلر ٽيم جو اسڪور 35 تي 3 آئوٽ کان 147 تائين پهچايو ته مورگن هڪ چوڪ ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 36 بالن تي 40 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. جوز بٽلر پهرين ٽي ٽوئنٽي جي سينچري آخري اوور ۾ مڪمل ڪئي ۽ 6 چوڪن ۽ 6 ڇڪن جي مددد سان 101 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو