ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر کي مبارباد ڏني آهي. سريلنڪا جي صدارتي چونڊن ۾ اڳوڻي صدر مهندرا راجا پاڪسا جو ڀاءُ گوٽابايا راجا پاڪسا حڪومتي اميدوار کي شڪست ڏئي ڇڏي. غير ملڪي خبر ايجنسي مطابق حڪومتي اميدوار سجيٿ پريماداسا ملڪ ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪندي هن پنهنجي حريف گوٽابايا راجا پاڪسا کي صدارتي چونڊون کٽڻ جون مبارڪون پڻ ڏنيون آهن. سريلنڪن ميڊيا مطابق گوٽابايا راجا پاڪسا کي چونڊن ۾ 54 سيڪڙو ووٽ مليا. ميڊيا رپورٽ مطابق سرڪاري سطح تي گوٽابايا راجا پاڪسا جي کٽڻ جو اعلان هن وقت تائين ناهي ڪيو ويو پر گوٽابايا رجا پاڪسا جي ترجمان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته گوٽابايا راجا پاڪسا پنهنجي ڀاءُ مهندرا راجا پاڪسا جي صدارتي دور ۾ وزارت دفاع جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي.










