سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ وومين ٽيم جواعلان

سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ وومين ٽيم جواعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا خلاف هوم سيريز لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽيم ۾ 3 نوان رانديگر شامل ڪيا ويا آهن، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين گل فيروز، ليگ اسپنر طوبيا حسن ۽ صدف شمس کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي بسم الله معروف (ڪپتان)، ايمن انور، عاليه رياض، انعم امين، عائشه نسيم، ڊيانا بيگ، فاطمه ثنا، گل فيروز، ارم جاويد، ڪائنات امتياز، منيب علي صديقي، ندا ڊار، اميمه سهيل، سعديه اقبال ۽ طوبيا حسن شامل آهن سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ عائشه نسيم، ارم جاويد، ڪائنات امتياز ۽ طوبيا حسن جي جاءِ تي غلام فاطمه، صدف شمس، سدره امين ۽ سدره نواز کي شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو