سريلنڪا جي صورتحال تي نظر آهي: آسٽريليا

سريلنڪا جي صورتحال تي نظر آهي: آسٽريليا

سڊني(اسپورٽس نيوز)ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته هو سريلنڪا جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي ۽ رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف کي باخبر رکندو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته سريلنڪا جي روانگي ۾ اڃا ٽي هفتا آهن، شيڊيول ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.آسٽريليا کي 16 ڏينهن ڪولمبو ۾ رهڻو آهي جتي احتجاج ٿي رهيا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سيڪيورٽي وفد گذريل مهيني سريلنڪا جو دورو ڪيو هو، سيڪيورٽي اهلڪار ڇڪتاڻ واري صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺندا.آسٽريلوي ٽيم جون جولاءِ ۾ سريلنڪا ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ واري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو