سردي اچڻ شرط مڇي جو وڪرو عروج تي، خريدارن جي رش

سردي اچڻ شرط مڇي جو وڪرو عروج تي، خريدارن جي رش

پکو (عبدالوحيد ميئو) اتر جو واءُ لڳڻ ۽ سياري جي ٿڌ شروع ٿيڻ شرط ئي پکو شھر جي بازارن ۾ مڇي جا اڏا لڳي ويا آھن جتي خريدارن جي سڄو ڏينھن رش لڳل رھي ٿي ۽ روزانو سوين مڻ مڇي وڪرو ٿي رھي آھي. سردي کان بچاءّ لاءِ گرم خوراڪ طور شھري مڇي وافر مقدار ۾ واپرائڻ لڳا آھن. مڇي جي وڌيڪ کپت سبب شھر ۾ اڏن کانسواءِ مڇي وڪرو ڪندڙ آسپاس جي علائقن ۾ وڃي به مڇي وڪرو ڪري رھيا آھن جڏھن ته مڇي جي اڏن تي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ مڇي ڪرڙو ۽ موراخو قسم آھن جن کي ماڻھو وڌيڪ خريد ڪري رھيا آھن اھڙي طرح مڇي جي اگھن ۾ پڻ واڌ اچي وئي آھي.

فش فارم وارن به موقعي جو فائدو وٺندي مڇي جا اگھ 300 کان 350 روپيه ڪري چوٽ چاڙھي ڇڏيا آھن جنھن سان مھانگائي ۾ پڻ اضافو اچي ويو آھي. ان حوالي سان پکو واسين شھرين زاھد خشڪ، طارق علي، خالد حسين، منير، جميل ٻوڪ، اسد پنھور، حبيب الله عطاري، ضمير حسين مغيري ۽ ٻين ٻڌايو ته مڇي واپرائڻ سردي جي موسم ۾ مفيد آھي جيڪا سردي کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ان سان گڏ مڇي ۾ جسماني وٽامن پڻ آھي جيڪا مريض ۽ ڪمزور ماڻھن کي فائدو رسائي ٿي. مڇي ۾ سڀ کان وڌيڪ لذت ڪرڙو ۽ موراخو مڇي ۾ آھي. ان موقعي تي مڇي کپائيندڙ دڪاندارن جو چوڻ هو ته سرڪار ٻيون شيون به مھانگيون ڪيون اتي مڇي به مھانگي ضرور ٿي آھي پر ٻين عام واھپي جي شين جي ڀيٽ ۾ مڇي جا اگھ مناسب مقدار ۾ آھن باقي خريدار ته ھر وقت مھانگائي جون دانھون ڪندا آھن اسان جي به روزي مڇي وڪرو تي آھي جنھن مان ڪجھ منافعو ڪمائي ٻچڙن جو پيٽ پاليون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو