جونيئر ججن خلاف رمارڪس کان اڳ جاچ ضروري قرار

جونيئر ججن خلاف رمارڪس کان اڳ جاچ ضروري قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عدالتي نظم و ضبط برقرار رکڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جونيئر ججن خلاف سخت ريمارڪس ڏيڻ کان اڳ جاچ ۽ احتياط ضروري آهي. سپريم ڪورٽ، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪراچي جي انتظامي جج ذاڪر حسين جي درخواست تي فيصلو جاري ڪندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سخت ريمارڪس کي رد ڪري ڇڏيو ۽ قرار ڏنو ته جونيئر ججن خلاف الزام لڳائڻ کان اڳ منصفانه ٻڌڻي ۽ جاچ ضروري آهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 12 صفحن جو فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ججن خلاف سخت ريمارڪس انهن جي ڪيريئر تي مستقل اثر وجهن ٿا ۽ عدليه ۾ باهمي احترام ضروري آهي. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته جونيئر ججن تي تنقيد نه پر رهنمائي ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن الزام آهن ته انهن کي ڳجهي طور تي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن موڪليو وڃي.عدالت درخواستگذار کي سندس انتظامي عهدي تي بحال نه ڪيو ڇاڪاڻ ته هڪ نئون جج مقرر ڪيو ويو هو، پر اهو چيو ته درخواستگذار کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ بدديانتي جا الزام لڳائڻ آئين جي آرٽيڪل 10-A جي خلاف ورزي آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته غلطي ڪرڻ انساني فطرت آهي، ۽ اهو جج سان ٿي سگهي ٿو، پر بدديانتي ثابت ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو