سب ميرين  ڪيبل ۾ ري ڪنفيوگريشن جو ڪم مڪمل

سب ميرين ڪيبل ۾ ري ڪنفيوگريشن جو ڪم مڪمل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آبدوز ڪيبل تي ٻيهر ترتيب ڏيڻ وارو عمل مڪمل ٿيو. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب انٽرنيشنل سب ميرين ڪيبل ايس ايم ڊبليو 4 جي هڪ حصي تي بجلي جي بحالي واري سرگرمي اڄ پنهنجي شيڊول موجب مڪمل ڪئي وئي آهي. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته اها معمول جي سار سنڀال ۽ مرمت واري سرگرمي هئي. پي ٽي اي موجب سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معمول موجب جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو