اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سامونڊي طوفان ’بائيپرجوئي‘ يعني Biparjoy بنگالي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي تباهي ڪندڙ. عالمي موسميات جي اداري الفابيٽڪ آرڊر ۾ ملڪن جي لسٽ ترتيب ڏني آهي ۽ واري واري سان هر ملڪ نالو تجويز ڪندو آهي. هن ڀيري نالو بنگلاديش تجويز ڪيو ۽ ايندڙ سامونڊي طوفان جو نالو ڀارت تجويز ڪندو جيڪو ’تيج‘ يعني تيز هوندو. سمنڊ ۾ جڏهن هوا جي رفتار 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌندي آهي ته واچوڙي وانگي طوفان جنم وٺندو آهي.
سائيڪلون جي نالي رکڻ جا 5 اهم اصول
1. تجويز ڪيل نالو غير جانبدار هجڻ گهرجي، سياست ۽ سياسي شخصيتون
مذهبي عقيدو، ثقافتون ۽ جنس کي متاثر نه ڪري.
2. نالو اهڙي نموني چونڊيو وڃي جو سڄي دنيا جي آبادي جي ڪنهن به گروهه جا جذبات مجروح نه ٿين.
3. نالا فطرت ۾ تمام بي رحم ۽ ظالمانه نه هجڻ گهرجي.
4. نالو مختصر هجڻ گهرجي، تلفظ ڪرڻ آسان هجي ۽ ڪنهن به ميمبر کي ناگوار نه لڳي.
5. نالي جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه اٺ اکر هجڻ گهرجي.










