سالڪ حسين ۽ طارق بشير جا پنهنجو سياسي فيصلو هو: حسين الاهي

سالڪ حسين ۽ طارق بشير جا پنهنجو سياسي فيصلو هو: حسين الاهي

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ حسين الاهي چيو آهي ته سالڪ حسين ۽ طارق بشير چيما جا پنهنجا سياسي فيصلا هئا، جيڪڏهن کين ن ليگ جي حمايت ڪرڻي هجي ها ته ٻيهر اليڪشن وڙهون ها، جڏهن ته ن ليگ سان ملاقات نه ٿي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حسين الاهي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام کي امپورٽڊ حڪومت جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي.هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت ڊمي اپوزيشن ليڊر چونڊرائڻ چاهي ٿي، حڪومت جو اپوزيشن ليڊر جي عهدي تي قبضو جمهوري قدرن جي خلاف آهي.حسين الاهي چيو ته ذاتي مفادن جي ون مين شو جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو