سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو آپريشنل دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائڻ جو فيصلو

سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو آپريشنل دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو آپريشنل دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائڻ لاءِ تجزياتي رپورٽ ڪرائڻ ۽ ڪراچي ڏکڻ ضلعي مان ڪچرو کڻڻ لاءِ نئون ٽينڊر ڪرائڻ جي منظوري، ان ڏس ۾ گذريل ڏينھن بورڊ جو اوڻيھون اجلاس مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو. جنھن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات نجم شاھ، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ايم ڊي سيد امتياز علي شاھ، ايڊيشنل ڪمشنر ون سيد عطاءاللہ، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس معظم علي شاھ. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آپريشن طارق نظاماڻي، سيڪريٽري سالڊ ويسٽ نسيم الدين ميراڻي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر فنانس دادلو ظھراڻي، پرائيوٽ ميمبر مصطفيٰ ممتاز، چيف انٽرنل آڊيٽر فنانس ڊپارٽمنٽ سيد سمير ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ھئا. بورڊ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل بورڊ ميٽنگ جي منظوري کانپوءِ حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪمپنين مرحليوار صفائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو آھي. جنھن تي وزير بلديات ناصر حسين شاھ چيو ته ھاڻي نه رڳو شھيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ پر سڄي سنڌ جي ٻين وڏن شھرن ۽ ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن جن ۾ دادو، سانگھڙ، سيوھڻ شريف، خيرپور کي به تجزياتي رپورٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انھن شھرن کي به سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو سسٽم ڏئي صفائي جي صورتحال کي بھتر ڪيو وڃي. بورڊ جي اجلاس ۾ ڪراچي جي اوڀر، اولھ، ڏکڻ ۽ ملير ضلعن لاءِ جي ٽي ايس کان لينڊفل سائيٽ آپريشن جي منظوري ڏني وئي، اجلاس جي ايجنڊا ۾ بورڊ ايڪسٽرنل آڊٽ فرم ھائير ڪرڻ ۽ ضلع ڏکڻ ۾ صفائي لاءِ نئين سر ٽينڊر جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڪمپني کي لينڊفل سائيٽ تي اسٽڊي لاءِ جڳھ ڏيڻ وارا تڪڙا اقدام وٺڻ جي ھدايت ڪئي وئي. ڪانٽريڪٽ ملازمن جي پگھارن واڌ لاءِ بورڊ ايچ آر ڪميٽي کي جلد سفارشون جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بورڊ جي گذريل اجلاس جي منظوري کان پوءِ ھن سال اقليتي ڪميونٽي سان لاڳاپيل ويھ ملازمن کي سندن مذھبي زيارتن لاءِ موڪليو ويو. بورڊ کي آگاھ ڪيو ويو ته فرنٽ اينڊ ڪليڪشن جي خانگي ڪمپني معاھدي مطابق صفائي جي ڪم لاءِ عملو ڀرتي ڪندي تنھنڪري ڊي ايم سيز جي سينيٽري ورڪرن، سپروائزن ۽ ٻئي عملي کي واپس پنھنجي کاتي موڪليو ويندو ته جيئن ڊي ايم سيز ۾ عملي جي کوٽ کي بھتر ڪري سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو