سارين جي فصل کي نقصان، جائزي لاءِ چيني ماهر سنڌ پهچي ويا

سارين جي فصل کي نقصان، جائزي لاءِ چيني ماهر سنڌ پهچي ويا

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)سنڌ ۾ سارين جي هائبرڊ ٻج جي پيداوار سخت متاثر ٿيڻ ۽ سنگ پاپڙي ٿي وڃڻ بابت ميڊيا رپورٽس ۽ شڪايتن بعد چين جا ماهر ڪنڌ ڪوٽ پهچي ويا. گارڊ نالي فراهم ڪيل ٻج واري ڪمپني جي چيني ماهرن فصلو گهمي جائزو ورتو ۽ آبادگارن کان ڄاڻ ورتي. گوٺ حبيب الله خان باجڪاڻي ۾ زميندارن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي علائقي جي زميندار حبيب الله خان باجڪاڻي پھنجي ساريالي فصل ۾ ھن ڀيري اپت گھٽ ٿيڻ جو سبب ۽ ڪجهھ نقلي ٻڄ ھئڻ جو پڻ خدشو ظاھر ڪيو.

جڏھن ته ان موقعي تي چائنا گارڊ ڪمپني جي ايگري ڪلچر ماھرن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن ڀيري پوري پاڪستان ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرمي پوڻ ڪري ساريالو فصل متاثر ٿيو آهي. ھنن چيو ته وڌيڪ گرمي پوڻ ڪري ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي سميت ڪجھ علائقن ۾ 10 پرسنٽ اپت گھٽ ڏيڻ وارين شڪايتن بعد کين ھڪ ٻيو ٻج جلد متعارف ڪرايو ويندو جيڪو سخت گرمي به برداشت ڪري سگھندو. ھنن ھڪ سوال جي موٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صدين کان دوستي قائم آھي ھڪ گھر چين آھي ته ٻيو  ٻيو گھر پاڪستان آھي ۽ پاڪستان سان جيڪو به واپار ڪندا آھيون ته صاف۽ شفاف ھوندو آھي.ان موقعي تي ڪمپني جي ملازمن ۽ آبادگارن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا. ان موقعي تي ريجنل سيلز آفيسر فاروق احمد سھرياڻي، سيلز آفيسر اعظم خان سھرياڻي ۽ سيلز آفيسر مولاداد مزاري پڻ گڏ ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو