سارين جو لابارو ڪندي بجلي جي تار ڪرڻ سبب 3 فوت

سارين جو لابارو ڪندي بجلي جي تار ڪرڻ سبب 3 فوت

گولاڙچي (ن سنڌيار)ڳوٺ محمود کوسو لڳ سارين جي لاباري ۾ رُڌل پورهيتن مٿان اوچتو بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن سبب ماءُ، پُٽ ۽ سندس ڌيءُ فوت، فوتين ۾ مسمات ميران ڪولهي، پرڪاش ۽ لکي ڪولهي شامل، لاش اسپتال منتقل، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جي تار ڪرڻ سان سارين کي باهه به لڳي وئي، اطلاع تي پوليس لاش کڻائي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حولاي ڪيا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بجلي جا ٿنڀا پاسيرا ٿي ويا هئا ڪيترائي ڀيرا حيسڪو وران کي چيو پر هنن ڪن لاٽار ڪئي ۽ اڄ هي حادثو پيش آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو