لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر سارا ٽيلر پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان سان وڪيٽ ڪيپنگ جي وڊيو شيئر ڪئي آهي. ساره ٽيلر طرفان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ هوءَ محمد رضوان کي ڪيچنگ پريڪٽس ڪرائي رهي آهي. سارا جيڪا سسيڪس ڪائونٽي جي وڪٽ ڪيپنگ ڪوچ آهي، پهنجي ٽوئيٽ ۾ رضوان کي سخت محنتي قرار ڏيندي لکيو ته رضوان سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ان موقعي تي ساره ٽيلر رضوان کي پنهنجو ڀاءُ سڏيو ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو. ياد رهي ته ساره ٽيلر پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جو انگلش ڪائونٽي سسڪس سان معاهدو ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو هو ته هو محمد رضوان کان سکڻ جي منتظر آهي.










