لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڪرڪيٽر ساجد خان انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏندو. ذريعن موجب آف اسپنر ساجد خان سمرسيٽ ڪائونٽي سان معاهدو ڪري ورتو آهي. ساجد خان ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ 29 آگسٽ تي انگلينڊ روانو ٿيندو جتي ساڻس 4 ميچن لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ساجد خان پاڪستان لاءِ 7 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪو آهي.










