مانجهند (رپورٽر مهراڻ عمراڻي)سن ۾َ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 27 هين ورسي جي موقعي تي جسقم طرفان چئرمين صنعان خان قريشي امجد مهيسر اطهر سومرو ديدار شام اشرف ڪلهوڙو آصف مگسي جي قيادت ۾ مزار تي حاضري گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھيو ويو ان موقعي تي صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ت قريشي خطاب ڪندي چيو ت سيد جي وڇوڙي کي 27 سال ٿيا آھن پر سندس فڪر منزل طرف روان دوان آھي سيدب60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي امن انسانيت ڀائيچاري جو سبق ڏنو پنجاب جا دانشور اڄ به مڃين ٿا ت سيد ئي ملڪ ٺاهيندڙن مان هو جنهن جي سزا طور کيس قيد بند جون تڪليفون مليون اسان سنڌ جا وارث ۽ مالڪ آھيون جلد سنڌ جو دورو ڪري ڌارين جي آبادڪاري ذوالفقار آباد ڪمانڊو سٽي ڊي ايڇ اي سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف جدجهد جو اعلان ڪنداسين سنڌ سان عشق ڪندڙ پارٽي کي مظبوط ڪن اسان ٻئي ڪنهن جا نه پر سنڌ جا ايجنٽ آھيون شھيد بابا بشير خان جي نقش قدم تي هلي جدجهد ڪنداسين سمورن گرفتار ٿيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ڪارڪنن جي مالڪي ڪئي ويندي سينئر وائيس چئرمين امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ت سيد ڪنڌ ڪپائڻ ت سيکاريو آھي پر جهڪائڻ ناهي سيکاريو سيد سنڌ دشمن سان اکيون اکين سان ملائي بيهڻ سيکاريو آھي سائين جون سالگراهون ۽ ورسيون چئلينج بڻيل آھن جن کي ڪاميابي سان ملهايون پيون سن کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آھي سيد جي اسٽيج جو رڪارڊ کولي ڏسو ت ڪڏھن به ڪنهن کي گار ناهي ملي پرامن ڪارڪنن جي تلاشي ورتي وڃي ٿي ڪڏھن به بارود ناهي نڪتو پوء به کين حراسان ڪيو پيو وڃي ملڪ ۾ ناڻي جي ورڇ شفاف هئڻ گهرجي ملڪ رياض 6 لک ايڪڙ زمين تي پ پ جي مدد سان قبضو ڪيو آھي ذوالفقار آباد ڊي ايڇ اي سٽي ذريعي قبضا ٿين ٿا بحريا ٽائون ڪيسن کي قيادت بهادري سان منهن ڏنو ايم ڪيو ايم جا دھشتگرد ۽ پ پ سنڌ جي ورهائڻ جو معاهدو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبو سوين قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي اطهر سومرو چيو ت سنڌ جي حالتن کي جسقم ئي چيئلينج ڪري بشير خان جي نقش قدم تي تاريخ جو باب ٺاهيو آھي جساف جي مرڪزي آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو چيو ٿ بلاول شاگردن تي پاپندي هنمي آھي يونين بحال ڪرڻ بجاء شاگردن تي تشدد پابنديون لڳايون پيون وڃن










