اسلا م آباد(بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪچرو ساڙيو ناهي پر چوري ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل پرڏيهي وزارت کي ڏنو ويندو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته هو سامراجي سفارتڪارن جي گهرن ۾ وڃي ڪيڪ کائي ويندا آهن، نواز شريف انتظار ۾ آهي، مريم، ڊار کي ڪلين چٽ ڊيل جو حصو آهي.هن چيو ته عمران خان خلاف حڪومتي بيان بازي سندس حق ۾ ٿي چڪي آهي، معاشي ۽ سياسي تباهي مان نجات رڳو عمران خان جي سڏ آهي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جو ڳڻپ شروع ٿي ويو آهي، فيصلا 15 نومبر تي ٿيڻا آهن، هاڻي بحران آڊيو وڊيو مان اچي ويو آهي، عوام روڊن تي آيو ته افراتفري ٿي ويندي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته فيصلو قوم کي ڪرڻو آهي ته سرٿا وانگر جيئڻو آهي يا سياسي حشرات وانگر.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه جو اهو به چوڻ آهي ته حڪمران عوام ۾ گهيريل آهن، هو هاڻي بچي نه سگهندا.










