لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر آڊيو ليڪ واري معاملي تي عدالت سان رابطو ڪري ورتو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سائفر آڊيو ليڪ واري معاملي تي طلب ڪرڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، سندس درخواست ۾ وفاقي سرڪار، ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسرن کي ڌر بڻايو ويو آهي.وڪيل ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان ايماندار، باعزت شهري، ملڪ جي نامياري شخصيت آهي، سندس ملڪي سياست ۾ نواڻ آڻڻ ۾ وڏو ڪردار آهي، عمران خان جي وڌندڙ شهرت سياسي طاقتن خلاف خطرو بڻجي چڪو آهي.درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايوويو آهي ته ايف آءِ اي سائفر ميسج واري معاملي تي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان معاملي تي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ ڇهه ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، سائفر انڪوائري کي پهريان ئي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، هاڻ عمران خان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ بي بنياد انڪوائري ۾ طلب ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيرآباد ۾ عمران خان تي قاتلاڻو حملو به ان ئي سياسي انتقام جي ڪَڙي آهي، طلبي نوٽيس ۾ ڪنهن قانون جي پاسداري ناهي ڪئي وئي.عمران خان جي درخواست ۾ سائفر آڊيو ليڪ اسڪينڊل واري انڪوائري کي غيرقانوني قرار ڏيندي ڪالعدم ڪرڻ ۽ انڪوائري روڪڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته سائفر آڊيو ليڪ معاملي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ڇهه ڊسمبر تي طلب ڪيو آهي.










