ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ سائبرين هوائن هڪ ڀيرو ٻيهر موسم کي ٿڌو بڻائي ڇڏيو. اڄ صبح ڪراچي ۾ گرمي پد 6 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويوموسميات کاتي ا ڄ کان هوا جي رفتار ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي ، پر سردي اڃان ٿيندي.ٻئي طرف لاهور سميت پنجاب جي ميدانن علائقن ۾ سردي ۽ ڌنڌ آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي جبلن ۾ برفباري ۽ مظفر آباد ۽ باغ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ هلڪي برسات سان سردي ۾ واڌ ٿي وئي آهي.










