زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ لاءِ آيل پوليس جو هزاري ماڻهو رڪاوٽ،احتجاج

زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ لاءِ آيل پوليس جو هزاري ماڻهو رڪاوٽ،احتجاج

ڪلوئي (ن سنڌيار)ڪلوئي لڳ زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ لاءِ آيل چئن ضلعن جي پوليس اڳيان هزارين ماڻهو رڪاوٽ بڻجي ويا ڇڪتاڻ سبب پوليس هٽي وئي خبر موجب راڪاس ايل بي او ڊي سم نالي کي امڪاني ڪٽ ڏيڻ لاءِ بدين مير پور خاص ٿرپارڪر ضلعي جي پنجاهه کان به وڌيڪ پوليس موبائيل ۽ ڪيتريون پولیس قيد وينون ۽ بڪتر بند گاڏيون زيرو پوائنٽ تي پهچي ويون جتي موجود هزارين ماڻهن سخت مزاحمت ڪري پولیس کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي ۽ ڊي سي بدين زيرو پوائنٽ ڪٽ کان هڪ ڪلو ميٽر پري بيٺل رهيا جڏهن ته مقامي ماڻهن سليم جوڻيجو بابو جان لنڊ وسايو مورو سميت هزارين ماڻهن سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اڳيان پاڻي جو رستو نه آهي ڪٽ ڏيڻ سان ٻه لک ماڻهو سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويندو هنن چيو ته پيپلزپارٽي اسان سان ظلم ڪري رهي آهي هنن چيو ته هي اسان سان آبي دهشتگردي بند ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان جان جو نذرانو ڏئي سگهون ٿا پر زيرو واري ڪٽ ڪنهن به صورت ۾ لڳڻ نه ڏينداسين هوڏانهن پوليس زيرو پوائنٽ طرف ويندڙ روڊ تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪي رهي آهي هوڏانهن ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مونکي مٿان حڪم مليو آهي اسان هر حال ۾ ڪٽ ھڻداسين هوڏانهن هن خبر لکڻ تائين پولیس ۽ مطاهرين ۾ چڪريون هلندڙ هيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو