ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ سيد سردار علي شاھ سان زوم پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حانا صديقي ۽ ڊي ٽيڪ جي سي اي او عديل دايو سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، زوم پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حانا صديقي صوبائي وزير کي ٻُڌايو تہ زوم پاڪستان آن لائين ڪلاسن لاءِ زوم پاڪستان پاران 21680 مفت لائسينس جاري ڪيا آھن، جنھن کي ورچوئل تعليم خاص طور تي فني تعليم، ڪانفرنس ۽ ميٽنگ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ھُن چيو تہ مفت لائسينس جاري ڪرڻ لاءِ ڊي ٽيڪ جي مدد حاصل رھي آھي ان سلسلي ۾ ڊي ٽيڪ جي سي عديل دايو جي سنجيده خدمتن کي وساري نٿو سگھجي. سندس چوڻ ھو تہ زوم ھلائيندڙن جي انگ ۾ تيزي سان واڌارو ٿيو آھي، وڌ کان وڌ پيشيور ماڻھو گھران ويھي ڪم ڪندا آھن يا اھڙا شاگرد جيڪي آن لائيم تعليم حاصل ڪرڻ چاھن ٿا زوم کين مفت سھولت ڏيندو. صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ چيو تہ تعليم کاتو سنڌ، تعليم جي ترقي لاءِ روايتي طريقن سان گڏ ڊسٽينس لرننگ يا آن لائين تعليم جي سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي بہ ڪم ڪري رھيو آھي. اسان اھڙا آن لائين پليٽ فارم ڏيڻ جو ارادو رکون ٿا جتان شاگردن کي آن لائين ليڪچر ۽ سليبس حاصل ڪرڻ ۾ سھولت ملي سگھي. ڪرونا وبا دوران آن لائين لرننگ جو رجھان وڌيو جنھن دوران تعليم کاتي زوم ۽ ٻين آن لائين پليٽ فارم جي مدد سان تدريس ۽ تربيت جو سلسلو جاري رکيو. صوبائي وزير تعليم سنڌ زوم ۽ ڊي ٽيڪ جي کنيل قدم جي ساراھ ڪئي ۽ مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو.










