ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) ڳوٺ لالو پٽ ۾ پورهيت اگن مهر جي گهر جا 16 ڀاتي جنهن ۾ 5 معصوم ٻار هڪ سال جو مرتضي، 5 سالن جو قربان، 3 سالن جو جاويد، 2 سالن جو پرويز مهر، 8 سالن جي نينگري مائي والان، 25 سالن جو اڪبر مهر ۽ 10 عورتن سميت 16 ڄڻا بي هوش ٿي ويا آھن. گهر ۾ سمورا ڀاتي بيهوش ڏسي ڪري پورهيت اگن مهر اوڙي پاڙي وارن کي اطلاع ڏنو. ايمبولنس جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ڳوٺ کان ٽريڪٽر ٽرالي ۾ کڻائي ٺڪراٺو شھر ڏانهن علاج لاءِ نيو ويو جتي بيهوش ٿيلن جو علاج شروع ڪيو ويو. مقامي ڊاڪٽرن پاران به بيهوش ٿيڻ جو ڪارڻ زهريلي لسي پيئڻ ٻڌايو ويو. آخري اطلاع موجب علاج بعد بيهوش ٿيلن جي طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.










