نواب ولي محمد (ن سنڌيار) ديھ ٻنڀائي ۾ زمينن تي قبضي بعد بااثر زرداري ڌر جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ايس ايڇ او سميت پنج ڳوٺاڻن ججي قتل بعد ڇڪتاڻ برقرار آهي. ڳوٺاڻن لاش روڊ تي رکي قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏي آهي ۽ 18 ڪلاڪ گزرن باوجود انٽاميا پاران ڪو لڙي ناهي آيو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سيد سيد زين شاھ پاران پوري سنڌ ۾ سڀاڻي احتجاجي مظاهرن ۽ اڱاري تي شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي.

آچر تي درگاه فيض هاشمي جي گادي نشين صوفي علي نواز فقير پاران واقعي ۾ شهيد ٿي ويلن کي غسل ۽ڪفن ڏياريو ويو۔ ڌرڻي ۾ موجود سڀني ماڻهن لاءِ لنگر جو پڻ انتظام ڪيو ويو. سوڳ ۾ سڄي شهر جو ڪاروبار مڪمل طور بند پيل آهي ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، رفيق ملاح، وڏيري نازو ڌاريجو، سنڌ عوامي سٿ جو سرواڻ ناليوارو شاعر مهر ڊٻائي، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پ پ شهيد ڀٽو جي فيروزا لاشاري، پي ٽي آئي اڳواڻ عنايت رند، خادم حسين انڙ، ن ليگ اڳواڻ شفيق احمد آرائين نازو ڌاريجو جسقم جو سينيئر اڳواڻ ڪاڪو سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، جسقم آريسر جي سرمد ميراڻي ڏرڻي ۾ موجود آهن.

مقتولن جي وارثن حاجي ڀنڊ، خميسو خان ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ 18 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، محسن زرداري، عابد زرداري، شهزادو زرداري، صالح زرداري، محرم ميمڻ ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ اسان جا کنڀي گم ڪيل ماڻهو غلام حيدر ڀنڊ، محمود مهر، بلاول ڀنڊ ۽ ٻين کي آزاد ڪري ۽ زمينن تان قبضو ختم ڪري هٿياربند اٿاري زمينون اسان جي حوالي ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ لاش نه دفنايا ويندا ۽ ڌرڻو جاري رهندو جڏهن ته ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏيون بيٺل آهن جنهن سبب مسافر سخت پريشان آهن.











