زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ، اڪبر لغاري جي عبوري ضمانت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)200 ايڪڙ سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کي نيب انڪوائري ۾ گرفتاري جو خدشو آهي، جنهن بعد سيڪريٽري اڪبر لغاري نيب انڪوائري ۾ ضمانت لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪيو. احتساب عدالت اڪبر لغاري جي 5 لک رپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي. نيب آرڊيننس کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ اڪبر لغاري کي ضمانت لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اڪبر لغاري جي ڏهن ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي آهي. اڪبر لغاري خلاف غير قانوني طور 200 ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ بابت انڪوائري جاري آهي. نيب موجب اڪبر لغاري بطور اي ڊي او ڄامشورو ۾ 200 ايڪڙ زمين غير قانوني طور منتقل ڪئي هئي. احتساب عدالت ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو