عادلپور (رپورٽ اسلم مھر )عدالتي حڪم تي زرعي فارم تان قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو زراعت کاتي پاران مشينري نه هجڻ جي ڪري هٿن سان گهر ڊاهڻ شروع ڪيا. هارين طرفان احتجاج ڪرڻ تي پوليس مٿن لٺيون وسايون، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. اسٽنٽ ڪمشنر گھوٽڪي ماجد ماڪو ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ٻارنهن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، ليڊيز پوليس ساڻن گڏ هئي. ڄاڻايل زمين بابت ٻڌايو پيو وڃي ته زرعي کاتي جي هڪ سئو ايڪڙ زمين 1998 ۾ ڪلوڙ برادري جي سبحان ڪلوڙ نيلامي ذريعي حاصل ڪئي هئي, تازو هاءِ ڪورٽ اها ليز رد ڪري زمين واپس زرعت کاتي کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هيو , ان حوالي سان اي سي گھوٽڪي ماجد ماڪو جو چوڻ آھي ته ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قبضو ختم ڪرايو پيو وڃي جڏھن ته ايڊوڪيٽ فرمان ڪلوڙ، قربان ڪلوڙ ۽ وڏيري امان الله ڪلوڙ جو چوڻ آھي ته ڊي سي گھوٽڪي با اثر سياسي ماڻھو جي ونگار تي انتقامي ڪاروايون ڪري رھيو آھي، هنن ٻڌايو ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي جنھن جي سڀاڻي ٻڌڻي آھي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سبحان ڪلوڙ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي جنهن جي اڃان ٻڌڻي شروع ناهي ٿي, جنهن جي ٻڌڻي سڀاڻي رکيل آهي هوڏانهن آپريشن دوران سون جي تعداد ۾ هاري ۽ ڳوٺاڻان سراپا احتجاج بڻيل آهن. پوليس موبائيلون بيهاري گهوٽڪي عادلپور لنڪ روڊ کي بند ڪري ڇڏيو ، پوليس جي وڏي تعداد ۾ نفري پڪٽ قائم ڪري ورتي. پوليس راڪيٽ لانچر کڻي پهچي وئي علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آھي آخري اطلاعن تائين آپريشن جاري هو.










