لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي زمان پارڪ ۾ موجود گهر جي تلاشي لاءِ سرچ وارنٽ حاصل ڪري ورتا. لاهور پوليس موجب تلاشي جي موقعي تي ايس پي رينڪ جو هڪ آفيسر ۽ عورت پوليس اهلڪار به گڏ هوندي. لاهور پوليس جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گهر جي اندرين ۽ ٻاهرئين حصن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويندو. لاهور پوليس اهو به ٻڌايو آهي ته سرچ آپريشن دوران لاهور ڊويزن جو ڪمشنر به ساڻن گڏ هوندو. عمران خان ملاقات ڪندڙ سرڪاري ٽيم کي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو جيڪو حڪم آهي ان تي عمل ڪريو، اوهان 400 پوليس اهلڪار وٺي آيا آهيو، انهن کي تلاشي نه ڏيندس. سرڪاري ٽيم کيس گهربل جوابدارن جي لسٽ پيش ڪئي جنهن تي عمران خان چيو ته ثبوت ڏيو ته گرفتاري ۾ مدد ڪندس.. پنجاب حڪومت کيس چيو ته اوهان گهر جي آڏو تجاوزات هٽايو، تنبو وغيره ختم ڪريو ته پوليس جو گهيرو ختم ٿيندو.










