لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري جي بازيابي ۽ ملاقات لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري داخل ڪئي آهي.فواد چوڌري طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته زلفي بخاري کي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پنجاب پوليس زلفي بخاري کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي.










