ميروخان (صفدر حسين تنيو)ڳوٺ ڀائي خان مستوئي جي رھواسين پاران مبينا رشوت نه ڏيڻ تان زرعي زمين جا کاتا تبديل ڪندڙ اسسٽنٽ مختيارڪار خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عبدالغفار مستوئي، غلام مرتضي، حسين بخش، همت علي ، عرفان مستوئي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي زرعي زمين سروي نمبر 631 ؛ 632 ؛ 640 ؛641 ؛644 ؛جو ڪيس پنھنجي برادري جي غلام شبير مستوئي سان سينيئر سول ڪورٽ شھدادڪوٽ ۾ گذريل 8 سالن کان هلندڙ آھي جنھن دوران 2019 _01 _28 ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار سجاول جوڻيجو عبدالحق مگسي سچو نقل ڏنو جنھن جي ڪاپي موجود آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ مختيار ڪار پنهنجي ڪرسي جو ناجائز فائدو وٺندي هڪ سال اڳ اسان کان 8 لک روپيه رشوت گهري جيڪا نه ڏيڻ تان هن اسان جي 73 ايڪڙ زرعي زمين جا کاتا پنهنجي پيءُ درمحمد مگسي ۽ ڀائرن جي نالي تي تبديل ڪري ناانصافي جي انتها ڪري ڇڏي آهي جنھن جي خلاف اسان اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ڪيس داخل ڪرايو آھي جنھن جي پھرين ٻڌڻي بعد اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاڙڪاڻو نوٽيس جاري ڪري اسسٽنٽ مختيارڪار کي 26 نومبر تي زمين جي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي اھڙو نوٽيس نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ بااثر اسسٽنٽ مختيارڪار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل زمين گذريل ڪيترن سالن کان اسان آباد ڪريون ٿا اتي اسان جو گهر ۽ ڳوٺ به موجود آهي. ڳوٺاڻن ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ جاويد احمد جاگيراڻي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان سان ٿيل ناانصافي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.










