زرداري 13 سالن جي هارپي جو حساب نٿو ڏئي،هارين جو احتجاج

شاهپورجهانيان(اسد ٻگهيو) تعلقي دوڙ جي ديهہ نصرت جي ڳوٺ عبدالغفور ماڇي جي رهواسين پاران هارپي جو حساب نہ ملڻ خلاف متاثر هاري وجيهہ الدين ماڇي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غريب هاري وجيهہ الدين ماڇي چيو تہ اسان ديهہ نصرت ۾ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو هارپو ڪندا آهيون، اسان جو هن ڏانهن 15 سالن جي فصل جو حساب رهيل آهي، ٻن سالن جا پئسا سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ڏنا آهن، باقي 13 سالن جو حساب رهيل آهي. هن چيو تہ فصل جو حساب گهرڻ تان علي حسن زرداري ۽ محمد زرداري اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ، موتمار توڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري اسان جي جانين کي خطرو آهي، متاثر هاري چيف جسٽس آف پاڪستان،سنڌ هاء ڪورٽ، آرمي چيف، آءِ جي سنڌ، ڊي آء جي شهيد بينظيرآباد کي اپيل ڪئي آهي تہ خدا واسطي اسان کي فصل جو حساب ڏياري، انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو