زرداري ۽ شهباز نشاني تي آهن، هنن کي نه ڇڏيندس

زرداري ۽ شهباز نشاني تي آهن، هنن کي نه ڇڏيندس

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي پهرين نشاني تي زرداري آهي جنهن ملڪ لٽيو آهي، پيسن جا ٽوڪرا کڻي ويهه ويهه ڪروڙ ۾ ووٽ خريدي رهيو آهي. ٻيو نشانو شهباز شريف آهي. هن کيس شوباز شريف ۽ بوٽ پالشيو سڏيندي چيو ته خدا جو شڪر آهي ته اپوزيشن وارن عدم اعتماد جي رٿ آندي آهي، مان ته دعا پئي گهري ته هي ٽريپ ٿين. هن دعويٰ ڪئي ته عدم اعتماد جي تحريڪ اپوزيشن جو موت آهي. وزيراعظم عمران خان، مولانا فضل الرحمان کي مسٽر ڊيزل ۽ فضلو چئي مخاطب ٿيندو رهيو ۽ چيو ته هن کي مولانا چوڻ گناهه آهي. هن وٽ به اربين روپين جي دولت آهي، ڪم ڪجهه نٿو ڪري مال جام اٿس، نيب کيس گهرايو ته ڪارڪن گڏ وٺي ويو ۽ نيب ڊڄي ويو، مان اعلان ٿو ڪريان ته هاڻي نيب وٽ هي 2 هزار ڪارڪن وٺي ويندو ته مان هڪ لک ڪارڪن وٺي ويندس. گورنر هائوس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان سنڌ جو تفصيلي دورو ڪندس، ڊاڪو زرداري کان سنڌ کي آزاد ڪرائيندس. هن وقت تائين منهنجا هٿ ٻڌل هئا هاڻي مان هنن سڀني کي ڏسي رهندس، عدم اعتماد کي ناڪام بڻائي مان هنن جي پويان لڳندس. هن چيو ته زرداري خدا جي واسطي پنهنجي پٽ جي اردو ته ٺيڪ ڪريو، ڇوڪري  اچي ٿي يا اچي ٿو جو فرق نٿو ڪري. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ملڪ کي پاڪستان جي مفاد خلاف ڪم ڪرڻ نه ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو