زرداري کي ڌمڪي ۽ آصفه تي حملي جي جاچ ڪرايو، بلاول

زرداري کي ڌمڪي ۽ آصفه تي حملي جي جاچ ڪرايو، بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصفه ڀٽو تي ڊرون حملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هي حملو هو ۽ اسانکي جمهوريت جي بحالي کان روڪڻ لاءِ خاندان کي نقصان پهچائڻ جو هي پيغام آهي. مان واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن هاني ڪنهن به اهڙي ڪوشش ڪئي ته اهڙو جواب ڏينداسين جو انهن جا نسل ياد رکندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان آصف علي زرداري کي بندوق جي نشاني جون ڌمڪيون پيو ڏي، اسين اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي عوامي مارچ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي ثابت ڪري ڇڏي آهي. هي شاندار عوامي مارچ هو حڪومت ان کان گهٻرائجي ڪڏهن تيل ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا ته ڪڏهن ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهن جو اعلان ڪيو، اها سانجي ۽ عوام جي فتح آهي.

بلاول چيو ته هن غير جمهوري حڪومت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪالهه قوم جي سامهون وزير اعظم عمران خان پاران آصف علي زرداري کي بندوق جي زور تي ڌمڪيون ڏنيون ويون، ان کي برداشت نه ڪيو ويندو، هن ملڪ جي بچاءَ لاءِ، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اسانجي خاندان ۽ پارٽيءَ قرباني ڏني آهي، هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪداسين. وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خان صاحب اسان هاڻي ٻار نه رهيا آهيون، جيڪي سمجهن ٿا ته ڊڄي وينداسين ۽ پوئتي هٽي وينداسين، اها سندن ڀل آهي، هنن رڳن ۾ زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو رت آهي ته مان اوهان جو اهو حشر ڪندس جو اوهانجا نسل ياد رکندا. ”اسان ڪڏهن به بندوق استعمال نه ڪئي آهي پر اسان ڄاڻون ٿا ته ان کي ڪيئن استعمال ڪجي. مان جمهوريت تي يقين رکان ٿو. مان هڪ پرامن ماڻهو آهيان ۽ زندگي ڀر پرامن رهندس. توهان اسان سان سياست ڪريو. سياست ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. اسان کي زندگي ۽ موت جون ڌمڪيون ڏيڻ جا نتيجا اوهان کي ڀوڳڻا پوندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 30 سالن کان صدر زرداري تي ڪرپشن جا الزام ٻڌي رهيا آهيون، اهڙا ڪيترائي اسڪرپٽ سامهون آيا پر صدر زرداري هڪ ڏينهن به نه جهڪيو. هن چيو ته مان اڄ به وزيراعظم کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهي الزام عدالت ۾ ثابت ڪري پر توهان ثابت نه ٿا ڪري سگهو ڇو ته اهي سمورا ڪوڙا ڪيس اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٺاهيا. پ پ چيئرمين چيو ته کيس (عمران خان) کي شرم اچڻ گهرجي پنهنجي ماءُ سان منسوب اسپتال جي نالي تي چندي جو پئسو گڏ ڪري سياست تي لڳايو، عمران خان سزا يافتا آهي، آمريڪي عدالت سندس خلاف فيصلو ڏنو پر اوهان ٻين تي الزام لڳائي رهيا آهيو. هن چيو ته مون ڪڏهن به خاتون اول بابت ڪا به خراب ٻولي نه استعمال ڪئي آهي پر توهان خاتون اول جي ڪرپشن بابت ڇا چوندا، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ خاتون اول کي پيس ڏين کانسواءِ ڪا به بدلي ۽ پوسٽنگ نه ٿي ٿي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان کي شرم نه ٿو اچي ته اوهان مولانا فضل الرحمان جهڙي ماڻهو خلاف اهڙي ٻولي استعمال ڪريو ٿا، مولانا جي خاندان سان 1971 کان اسان جا سياسي واسطا اختلاف آهن پر مون ڪڏهن به مولانا فضل الرحمان خلاف غلط ٻولي استعمال نه ڪئي آهي. بلاول چيو ته هو (عمران خان) اڪرام الله نيازي جو پٽ آهي جنهن کي قائد عوام شهيد ڀٽو ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيو هو، اسان کي به گاريون ڏيڻ اچن ٿيون پر مان بينظير ڀٽو جو پٽ آهيان، عمران خان جهڙي ٻولي استعمال نٿو ڪري سگهان. پ پ چيئرمين چيو ته اسان هن غير جمهوري حڪومت خلاف جمهوري حملو ڪرڻ وارا آهيون، اهو تاريخي حملو هوندو، مون کي تمام گهڻي اميد آهي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جي سمورين پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چونڊ سڌارن کانپوءِ جلد کان جلد صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جو ڪو به سياسي اتحاد ناهي، اسان سڀ هڪ نقطي تي گڏ ٿيا آهيون ته سليڪٽيڊ کي هٽائي شفاف چونڊون ڪرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو